پاٽائي شيخ مبارڪ

پاٽائي، شيخ مبارڪ: پاٽ شهر شيخ مبارڪ ۽ شيخ عيسيٰ برهانپوريءَ جي وڏن آباد ڪيو هو. شيخ مبارڪ مخدوم عباس (ابن جلال) محدث پاٽائيءَ جو شاگرد هو، جنهن وٽ هن سمورا ظاهري علم مڪمل ڪيا. ان بعد احمدآباد گجرات پهتو، جتي ناصرالملڪ جي مشهور مسجد ۾ صدر مدرس مقرر ٿيو ۽ ڪيترا سال اتي درس تدريس سان واڳيل رهيو. ان کان پوءِ برهانپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين. وقت جي حاڪم کيس قصبي چوپره جو قاضي مقرر ڪيو. برهانپور ۾ رهڻ دوران سندس ظاهري علم تي تصوف غالب هو، پر حاڪم جو حڪم مڃي، قاضي ٿيڻ قبول ڪيائين. ان زماني ۾ صوبي برار جو وزيراعظم تفاول خان هو، جنهن سان ايلچ پور ۾ ملاقات ڪيائين. وزيراعظم ساڻس عزت ۽ احترام سان پيش آيو ۽ کيس قاضي القضات جي عهدي تي مقرر ڪيائين. برهانپور ۾ فقير لاڏ جيو سنڌي رهندو هو، جيڪو ڏاڍي مِٺي سُر سان سنڌي ڪافيون ڳائيندو هو. قاضي مبارڪ سندس ڪافين ٻڌڻ جو شوقين هو ۽ اڪثر وٽس اچي حُب سان ڪافيون ٻڌندو هو. قاضي القضات جو عهدو ڇڏڻ کان پوءِ محدث طاهر بن يوسف سنڌيءَ جي صحبت حاصل ڪرڻ لاءِ برهانپور اچي رهيو، جتي وٽس شيخ عيسيٰ جندالله ڪجھه ڪتاب پڙهيا ۽ پاڻ وري دنيا کي ترڪ ڪري شيخ لشڪر محمد عارف جي بيعت حاصل ڪري سندس صحبت ۾ رهيو ۽ وٽس قيصريه رسالو پڙهي، توحيد جي مسئلن کي سمجھيائين. 978ھه/ 1570ع ۾ جمعي ڏينهن لاڏاڻو ڪيائين ۽ شيخ ابراهيم بن عمر سنڌيءَ جي مقبري اندر دفن ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو